پنج تن

پنج تن: ”پنجتن“ مان مراد حضرت محمد صلي عليہ وسلم، حضرت علي عليہ السلام، حضرت بيبي فاطمة الزهريٰ سلام عليها، حضرت امام حسن عليہ السلام ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جا پنج پاڪ نالا آهن. مسلمان مختلف حاجتن ۽ دعائن ۾ پنجتن پاڪ جي وسيلي سان جي درگاھہ ۾ دعا گهرندا آهن. اسلامي ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم کي تعاليٰ طرفان پاڪ چادر ۾ اچڻ جو حڪم ٿيو تہ ان چادر ۾ حضور صلعم کان پوءِ ترتيبوار حضرت عليعه، حضرت امام حسن عه ، حضرت امام حسين عه ۽ بيبي فاطمہ عه داخل ٿيا. جڏهن هي پنجئي هڪ چادر ۾ گڏ ٿيا، تہ حضرت جبرئيل پنجن ئي هستين جي شان ۾ پاڪ جي آية پاڪ ”اِنَّمَايُرِيۡدُ اللُه لِيُذۡهِبَّ عَنۡڪُمُ الرِّجۡسَ اَهَلَ الۡبَيۡتِ وَيُطَهّرڪُمۡ تَطۡهِيۡرَا“ پڙهي ٻڌائي. اسلامي تاريخ ۾ پنجتن پاڪ جو وسيلو اتان ئي قائم ٿيل بيان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ جڏهن عيسائين حضرت محمد صلعم سان مناظرو ڪيو تہ پاڻ سڳورا صہ پاڻ سان گڏ حضرت عليعه ، بيبي سيده فاطمهعه ، حضرت امام حسنعه ۽ حضرت امام حسين عه کي وٺي ويا، جنهن ۾ اسلام کي فتح حاصل ٿي. حضرت محمد مصطفيٰ صہ جن جي مشھور حديث ”حديثِ ڪساء“، جنهن جا راوِي، بيبي فاطمهعه ۽ مشھور اصحابي حضرت جابر بن عبدالله رضہ آهن، تنهن ۾ پنجن تنن جو ذڪر ڪيل آهي.


لفظ پنج تنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو