پنجمورو: ضلعي مٽياريءَ جي تعلقي هالا ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
جمال چانگ، متل پسايو، ڪوٽ ڀوڻوجو، پنھون ڄام ۽ پنجمورو. پنجمورو ڳوٺ جي ڀرسان ناميارن تعليمدانن سيد وڏل شاھہ، سيد صالح محمد شاھہ، سيد قادر بخش شاھہ ۽ سيد شير شاھہ جو ڳوٺ آهي. نيشنل هاءِ وي تي پنجمورو بس اسٽئنڊ بہ آهي.