پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر

پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر

پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر

پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر (PILAAC): هيءُ ادارو 2004ع ۾ سوسائٽيز رجسٽريشن ائڪٽ 1861 تحت وجود ۾ آيو. پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج آرٽس انڊ ڪلچر ائڪٽ (2004) ذريعي پنجاب اسيمبليءَ 30 سيپٽمبر 2004ع تي پنجاب حڪومت گزيٽ نوٽيفڪيشن لاڳو ڪيو. هن اداري جو مقصد پنجاب جي ٻولي، فن ۽ تھذيب کي ترقي ڏيڻ آهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهيءَ جي سربراهيءَ ۾ هن اداري جي قيام لاءِ منصوبو جوڙي هڪ پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو، جنهن هيٺ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر، پنجابي ٻوليءَ، آرٽ ۽ تھذيب کي هَٿي ڏئي رهيو آهي. هن اداري جي پهرين ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته نزهت رهي، جنهن بعد اها ذميواري ڊاڪٽر عباس نجميءَ جي حوالي رهي. هن اداري جي مقصدن ۾ تحقيقي ڪم کي هٿي وٺائڻ، پنجاب جي هنرمندن جي فن کي اجاگر ڪرڻ، پنجاب جي تھذيب ۽ لوڪ ادب کي سهيڙڻ، پنجابي ادب بابت ڪتاب ۽ تحقيقي رسالا شايع ڪرڻ، لائبرري قائم ڪرڻ، صوفي شاعرن جي پيغام کي عام ڪرڻ، پنجابي ٻوليءَ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ٻولي بنائڻ وغيرہ شامل آهن. هي ادارو پنجابي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا بہ تيار ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2004.09.30  عيسوي

هيءُ ادارو 2004ع ۾ سوسائٽيز رجسٽريشن ائڪٽ 1861 تحت وجود ۾ آيو. پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج آرٽس انڊ ڪلچر ائڪٽ (2004) ذريعي پنجاب اسيمبليءَ 30 سيپٽمبر 2004ع تي پنجاب حڪومت گزيٽ نوٽيفڪيشن لاڳو ڪيو. هن اداري جو مقصد پنجاب جي ٻولي، فن ۽ تهذيب کي ترقي ڏيڻ آهي.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۽ ڪراچي
سيٽو SEATO
بلاولي تحريڪ
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر
آنند شيوا منڊلي لاڙڪاڻو
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
ڀٽائي آرٽ سرڪل خانپور
آپ سڌارڪ منڊل
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون