پنجابي دانشور ۽ مظلوم قومون

پنجابي دانشور ۽ مظلوم قومون (ڪتاب): هي ڪتاب ابو جبران (خاڪي جويي) جو تصنيف ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪُل پنج باب آهن، جيڪي لينني ۽ مارڪسوادي تجزيي تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو انتساب ”سنڌ دوست انقلابي شعور جي نالي“ سان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مدرلينڊ پبلشرز پاران جنوري 1988ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو ٽائيٽل اسلم وفا ڊيزائن ڪيو. ڪچي جلد سان، 100 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 18 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو