پَنبِي2: پنبي نالي سان دادو تعلقي ۾ ٽي ڍنڍون بہ موجود آهن. اهي ڍنڍون، پراڻي درياھہ جي ڇڏيل ڍوري ۾ ٽن حصن ۾ ورهايل آهن، جيڪي درياھہ سان ڳنڍل آهن. اونهاري ۾ درياھہ جو پاڻي هنن ڍنڍن کي ڀري ويندو آهي ۽ ڇينهري تي ڍنڍن جا منهن ٻڌي ڇڏيندا آهن. سنهڙي ڍنڍ بہ ساڳئي پراڻ جو حصو آهي. سنهڙي ۽ پنبي ڍنڍن تي مالوند ماڻهن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن، جيڪي ”ڀاڻ“ سڏبا آهن.