پلي سگهڙ محمد عالم

پلي، سگهڙ محمد عالم: سگهڙ محمد عالم پلي، موجودہ تعلقي ڪوٽ غلام محمد جو رهاڪو هو. هن جي زندگيءَ بابت ايتري معلومات ملي ٿي تہ هُو ديھہ ٻورجي، ڊينگاڻ ۽ سگهہ ۾ رهيو ۽ سٺو عوامي شاعر هو. خليفي ڇُٽي درس جو هم سبق هو. مولوي محمد علي پٺاڻ سندس استاد هو. سندس پٽ محمد عمر ۽ پوٽو محمد صديق بہ شاعر هئا. افسوس، سگهڙ محمد عالم جو ڪلام محفوظ رهي نہ سگهيو، سندس صرف هڪ طويل بيت ملي ٿو، جيڪو هن غلام حسين مغل جي ڪلام ”مارائي کي ميار“ جي جواب ۾ لکيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو