پليجو عبدالرحمان

پليجو، عبدالرحمان: اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن، عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ منگر پليجي ۽ ٺٽي جي آخوند براديه پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ان کانپوءِ ڪاليج ٺٽي مدرسہ هاءِ اسڪول ميرپورخاص جامعہ عربيه حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. ادب ۽ صحافت سان دلچسپيءَ سبب هن روزانہ نئين سنڌ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائيءَ وٽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1966ع ۾ سنڌ جي ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالي ’بادل‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ يوسف شاهين جي هفتيوار اخبار ’برسات‘ (ڪراچي) جو بہ ڪجهہ وقت لاءِ ايڊيٽر رهيو.
عبدالرحمان پليجي 1967ع ۾ سوويت يونين جي پريس ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي شعبي جي انچارج طور بہ ڪم ڪيو ۽ هن 1972ع کان وڪالت شروع ڪيائين. سنڌ جي شاگرد تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سياسي معاملن ۾ بہ سدائين سرگرم رهيو آهي. عبدالرحمان پليجي کي ويهارو سال اڳ ڳلي جو ڪينسر ٿيو، جنهن جو علاج 1990ع ڌاري لنڊن مان ڪرايائين. 1992ع ۾ هڪ وڏي ۽ ڪامياب آپريشن کان پوءِ چڱو ڀلو ٿي واپس وريو.
2009ع جي شروعات ۾ وري کيس ڄنگهہ ۾ ڪينسر ٿيو، ۽ کيس وري آمريڪا مان علاج ڪرائڻو پيو، پر سندس بيماري مڪمل ختم ٿي نہ سگهي آهي. سندس رهائش مڪليءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.17  عيسوي

عبدالرحمان پليجو 17 مئي 1937ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالجبار وڪيل
غلام علي موسيقار
زورآور سنگهہ
شفيع محمد ميان حڪيم
بخش علي خاصخيلي
بيبي رابعہ بصري
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
چٺا محمد حسين
راجا سونيه
جوڻيجو عبدالرحيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون