پليجار

پليجار: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي، پليجار بابت ڄاڻايو آهي تہ: ”هي پرڳڻو تمام قديم آهي. ڪڪرالي جي ڄام واري دؤر 1037ھہ/ 1627ع ۾ پڻ پليجار جو پرڳڻو موجود هو. پليجار پرڳڻي جو مشھور بزرگ درويش راڄو ستيو دل هو. ان بابت اهو مشھور آهي تہ جيڪي چوندو هو، سو ٿي پوندو هو. درويش راڄي جي وفات 977ھہ/ 1569ع ۾ ٿي ۽ پليجار ۾ سندس درگاھہ آهي. پليجار پرڳڻي جي ڳوٺن مان مشھور ڳوٺ دٻو آهي، جنهن ۾ سيد ڦتو، وقت جو پير ۽ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.“


لفظ پليجارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو