پلوھہ نٿ

پَلوھہ نٿ: ’نٿَ‘ (ڳھہ) جو هڪ قسم آهي، جيڪو بلوچ توڙي سنڌي عورت جو هڪ شانائتو زيور آهي. هيءَ نٿ سون جي ٿئي ۽ اٽڪل ڏيڍ انچ قطر گولائيءَ ۾ ٺهيل هوندي آهي، جنهن ۾ موتي بہ پوندا آهن ۽ قيمتي پٿر بہ جڙيل ٿين. هيءَ نٿ ڏاوڻيءَ سان پائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو