
پلوٽو
پلوٽو2 (Pluto): هن وقت تائين نظامِ شمسيءَ جي جن گرهن جي ڄاڻ پئي آهي، تن ۾ ”پلوٽو“ سڀني کان ڏورانهون گرھہ آهي. ڪيڏي بہ طاقتور دوربين استعمال ڪجي تہ بہ پلوٽو ننڍڙي پيلي رنگ جي داڳ کان وڌيڪ ڪجهه بہ نظر نہ ايندو آهي.
پلوٽو جي دريافت هن دور جي علم فلڪيات جي ماهرن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. سن 1905ع ۾ ”پريسول لاول“ (Precival Lowel) نالي علم فلڪيات جي هڪ آمريڪي ماهر کي اها خبر پئجي ويئي هئي تہ هن وقت تائين دريافت ٿيل گرهن کانسواءِ هڪ ٻيو گرھہ بہ نظام شمسيءَ ۾ موجود آهي. سندس اهو عقيدو هن بنياد تي ٻڌل هو تہ: ”يورئنيس“ ۽ ”نيپچون“ جي چر پر ۾ جيڪي بي قاعدگيون آهن، سي هن دريافت نہ ٿيل گرھہ جي موجودگيءَ ڪري آهن، پر بدقسمتيءَ سان ”لاول“ نئين گرھہ کي ڳولي لھڻ کان اڳ ئي مري ويو.
لاول جي کوجنا جو ڪم جاري رکندي، ”ڪلائيڊ ٽامباه“ (Clyde Tombaugh) نالي هڪ فلڪيات جي ٻئي ماهر 1930ع ۾ رات جي وقت آسمان جي ڪن حصن جا فوٽا ورتا. جدا جدا راتين دوران ورتل فوٽن کي ڀيٽندي هن ڏٺو تہ فوٽن تي هڪ اهڙو بہ نُقطو هو جيڪو پنھنجي پوزيشن بدلائي رهيو هو. روشنيءَ جو اهو نقطو لاول وارو ٻڌايل گرھہ هو، جنهن کي سائنسدان ”پلوٽو“ چون ٿا. هيءُ گرھہ بلڪل انهيءَ هنڌ تي ظاهر ٿيندو آهي، جتي لاول ٻڌايو هو. ڪي سائنسدان چون ٿا تہ پلوٽو هڪ چنڊ بہ ٿي سگهي ٿو، جيڪو شايد قديم زماني ۾ نيپچون مان ٽٽي ڌار ٿي ويو هجي. 1930ع کان پوءِ جڏهن آگسٽ 2006ع ۾ فلڪيات جي بين الاقوامي يونين وڌيڪ تحقيق ڪئي تہ پلوٽو کي ننڍو سيارو يا گرھہ قرار ڏنو ويو، سج جي چوڌاري پلوٽو پنهنجو هڪ چڪر 248 زميني سالن ۾ مڪمل ڪري ٿو، هن جي سطح جو گرمي پد 218 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.