پلاسيءَ جي جنگ

پلاسيءَ جي جنگ: 23 جون 1757ع تي ٿيل هڪ ويڙھہ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگال تي برطانوي ڪنٽرول قائم ٿيو. هي هندستان جي برطانوي فتح جو پهريون مرحلو بني. 1756ع ۾ بنگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪتي ۾ برطانوي قلعو فتح ڪيو، جتي پوءِ ڪجهہ انگريز قيدي زمين ۾ کوٽيل کڏي ۾ دم ٽوڙي ويا. هن کڏي کي ’ڪلڪتي جو بليڪ هول‘ چيو وڃي ٿو. ڪجهہ لکندڙن بليڪ هول کي حقيقت بجاءِ افسانو سڏيو آهي. برطانوي گورنر رابرٽ ڪلائيو جنوري 1757ع ۾ قلعي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو ۽ بنگال جي هندو اڳواڻن کي پاڻ سان گڏايو. جيڪي نواب سراج الدوله کان کان ناراض هئا. نواب جي جرنيلن مان هڪ مير جعفر کي غداريءَ تي راضي ڪرڻ کانپوءِ ان جون ۾ ڪرشن نگر (اولھہ بنگال) جي ڀرسان پلاسي ڳوٺ ۾ بنگالي فوج کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ خطي تي برطانوي حڪومت مضبوط ٿي وئي.


لفظ پلاسيءَ جي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1757.06.23  عيسوي

پلاسيءَ جي جنگ 23 جون 1757ع تي ٿيل هڪ ويڙهه، جنهن جي نتيجي ۾ بنگال تي برطانوي ڪنٽرول قائم ٿيو. هي هندستان جي برطانوي فتح جو پهريون مرحلو بني. 1756ع ۾ بنگال جي نواب سراج الدوله ڪلڪتي ۾ برطانوي قلعو فتح ڪيو،



جنگيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پهرين مڪليءَ جي جنگ
خندق جي جنگ
انڙپور واري جنگ
چانڊين ۽ مگسين جي جنگ
پلاسيءَ جي جنگ
خاصائيءَ واري جنگ
جنگ جمل
چالوڪ جي پُل واري جنگ
سويق غزوه
امرڪس جي جنگ
جنگيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون