پرڀات پرڀاتي

پرڀاتِ/پرڀاتي (سُر): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ ”سُر“. هِن سُر ۾ منگتن، مڱڻهارن ۽ سخي سردارن جو ذڪر آهي، پر خاص موضوع لس ٻيلي جي واليءَ سپڙ ڄام جي سخا آهي، ڇو تہ ٻين سردارن ۽ ڏاتارن سخا ڪئي تہ پنھنجي شان ۽ مان وڌائڻ خاطر ڪئي، پر سپڙ ڄام سمي، ڪيرت وارن جي قدردانيءَ لاءِ سخا جا در کولي ڇڏيا. هن خاص طرح محتاجن کي اَن ۽ ڏڏن کي ڏان ڏنا.
هن سُر جو نالو موضوع جي مناسبت سان رکيو ويو آهي، ڇو تہ منگتا/ مڱڻهار/ چارڻ پرڀات ويل اُٿي، سمن سردارن جي درن تي بيهي کين ساراهيندا ۽ سندن واکاڻ جا گيت ڳائيندا هئا. ان واکاڻ کي ”وهاڳ“ بہ چئبو آهي، ان ڪري هن کي ’سُر وهاڳڙو‘ بہ چوندا آهن. منگتا وڏا هنرمند ۽ جاجڪ هئا، جيڪي پنھنجي جاجڪاڻي انداز ۾ سخي سردارن کي موهي وجهندا هئا. انهيءَ مناسبت سان جدا جدا رسالن ۾، هن سُر جا جدا جدا نالا آهن، جھڙوڪ: جاجڪاڻي ۽ جاجڪان، وهاڳڙو وغيرہ.
هيءُ سُر سمن جي ان آڳاٽي سرداري سماج واري ماحول جو يادگار آهي، جڏهن سردارن موروثي طور مڱڻهار رکيا تہ هُو کانئن وڏا انعام ۽ اڪرام حاصل ڪري ساراهون ڪن. منگتن کي نوازڻ سان هڪ طرف انهن جي ڳائڻ وڄائڻ ۾ واڌارو آيو، تہ ٻئي طرف ڪيرت جي ٻولن ۾ وڏي تورتڪ پيدا ٿي. هر قابل جاجڪ تي انعام جي ورکا ٿي پئي، پر ويچارا معذور مڱڻهار اهڙن انعامن اڪرامن کان محروم هئا. پوءِ لسٻيلي جو اهو نامور سخي ’سپڙ ڄام‘ ساماڻو، جنهن معذور منگتن کي مان ڏنو. انهيءَ پسمنظر ۾ ’لڱي چارڻ‘ جي ڳالھہ مشھور ٿي، جنهن کي ڪيرت لاءِ ڪو بہ پاڻ سان گڏ وٺي نہ ٿي ويو، پر کيس سپڙ ڄام جي سخا ۾ وڏي اميد هئي ۽ ٿيو بہ ائين. سپڙ ڄام هن بيوس منگتي کي ڏوليءَ ۾ چاڙهائي پاڻ وٽ گهرايو ۽ وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا. انهيءَ ڪري لطيف سائين بہ هن سخي سردار جي سخا کي ڳايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو