پرين جي پرديس

پرين جي پرديس

پرين جي پرديس

پرين جي پرديس (ڪتاب): هيءُ سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ جو مختلف ملڪن جي سير تي مشتمل سفرنامو آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نامور اديب علي احمد بروهي لکيو آهي. جڏهن تہ سفرنامي بابت ‘ڏات ۽ ذات- اڀياس’ جي عنوان سان قمر شھباز ۽ ‘سڪ جو سنيهو’ جي عنوان سان الطاف شيخ لکيو آهي. ‘پنھنجي پاران’ عنايت بلوچ لکيو آهي، ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو تعارف ڏنل آهي. ليکڪ، سفرنامي کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ الڳ موضوعن ۾ ترتيب وار ورهايو، جيڪي هن ريت آهن: ڪراچي کان لنڊن، لنڊن جي مشھور هنڌن جو احوال، بي. بي. سي لنڊن جي باري ۾، لنڊن کان ايڊنبرا، اوڀاريون لهواريون، ڪراچي کان ڪوالالمپور، ڪوالالمپور کان پينانگ، ڪوالالمپور کان سينگارپور وغيرہ. جڏهن تہ انهن سمورن موضوعن کي پڻ الڳ الڳ عنوانن ۾ ورهائي، پڙهندڙ کي بهتر تفريح مهيا ڪئي آهي. هن سفرنامي کي پڙهڻ سان گهر ويٺي چڱي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڊيمي سائيز، رنگين ڊسٽ ڪور سان هيءُ ڪتاب ‘بزم تعمير ادب ’ ڪراچي، آگسٽ 1984ع ۾ ڇپيو. 239 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي سادي ڪاپيءَ جي قيمت 15 روپيا ۽ اوچي ڪاپيءَ جي قيمت 30 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو