
ڊاڪٽر پريم پرڪاش
پريم پرڪاش، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ليکڪ، نقاد، اداڪار، هدايتڪار، چترڪار ۽ اديب پريم پرڪاش جو اصل نالو پريم سنگهہ سنت سنگهہ ميلسنگهاڻي آهي. هن 2 آگسٽ 1946ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. بي. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر“ جي موضوع تي بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1987ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ســـنـدس ڇـپيل ڪتابن ۾: پڪـنـڪـ (ٽه- فـصـلـو ناٽــڪ: 1974ع)، قدم (ناٽڪن جو مجموعو، ترتيب: 1975ع)، پردا (ناٽڪن جو مجموعو، ترتيب: 1976ع)، اٺ ننڍا ناٽڪ (ترتيب: 1977ع)، وِلـين (ڪھاڻين جو مجموعـو: 1977ع)، مور چاندي (ايڪناڪي ناٽڪ: 1979ع)، سنڌي ناٽڪ جي اوسر (پي ايڇ. ڊي ٿيسز: 1993ع)، ويھه ڪھاڻيون (1994ع)، ڀڳت (ڪـويتـائـون: 1998ع)، ”سنڌي ڪھاڻي، تبصرا ۽ جائزا“ (ترتيب: 2009ع). سنڌي ڪھاڻي (مقالا ۽ مضمون: 2010ع) ۽ نئين ڪويتا- رچناتمڪ اڀياس (2010ع) شامل آهن. ان کان سواءِ مختلف رسالن جھڙوڪ: ”ڇوليون“ ماهوار (1967- 1968ع) ۽ ”ڪويتا“ ٻماهي (1968- 1986ع) جو ايڊيٽر ۽ ”رچنا“ ٽماهيءَ جو مددگار ايڊيٽر رهيو. 1976ع کان 2000ع تائين ناٽڪن ۾ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪيو. هن مختلف ناٽڪ ٻين ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري اسٽيج ڪيا، جن ۾ ڪجهہ اهم ناٽڪ: ”واريءَ سندو ڪوٽ“ (1980ع)، ”جلوس“ (1982ع)، ”آشيانو“ (1990ع)، ”فرشتن جي دنيا“، ”اوندھہ جي دنيا“، ”ماچيس ڪٿي آهي؟“، ”سخت چھري وارو ماڻهو“، ”جڏهن زندہ هوندا هئاسين“ ۽ ”هن جو ڊپ“ وغيرہ آهن. هُو ’سنڌي ڊراما ورڪشاپ‘ جو بنياد وجهندڙ ۽ صدر رهيو. کيس ڪيترائي ايوارڊ بہ مليا، جن ۾: سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ طرفان ”مورچا بندي“ ڊرامي تي ايوارڊ (1979ع)، سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ اکل ڀارت پاران ادبي مڃتا ايوارڊ (2000ع)، گجرات سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي پاران گورَ پرسڪار (1999ع) ۽ گجرات سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (1999ع)، ”ڀڳت“ ڪتاب تي ساهتيہ اڪيڊميءَ، دهليءَ پاران ايوارڊ (2001ع) شامل آهن. سندس ادبي پورهئي تي ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي ”پريم پرڪاش - شخصيت ۽ فڪري سفر“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو 2018ع ۾ شايع ٿيو. هن 10 جنوري 2024ع تي احمد آباد، هندستان ۾ وفات ڪئي.
1946.08.02 عيسوي
ڊاڪٽر پريم پرڪاش 2 آگسٽ 1946ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو.