
پريم پتافي
پريم پتافي: نوجوان شاعر پريم پتافيءَ جو اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 5 مئي 1969ع تي جنم وتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ مئٽرڪ 1985ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو مان ڪيائين. 1989ع کان ضلعي گهوٽڪيءَ جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. پريم پتافي جو ڏاڏو مولانا عبدالرحمان ”صنيائي“ ۽ پڙ ڏاڏو مولانا بهاؤ الدين
”صنيائي“ پنھنجي دور جا فارسي ۽ سنڌيءَ جا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آهن. شايد خانداني ورثي پريم پتافيءَ کي بہ ڇڪ ڪئي ۽ هن 1992ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، سندس شاعري ۽ ادبي مضمون سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن، ٽماهي مهراڻ، سوجهري، ساڃاھہ، امرتا، پرک، نئين زندگي وغيرہ ۾ ڇپبي رهي ٿي، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”روشنيءَ جون اکيون“، رم جهم پبليڪيشن پاران 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي ارپنا هن جديد سنڌي شاعريءَ جي ٽمورتي شيخ اياز، استاد بخاري ۽ امداد حسينيءَ جي نالي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ تي هند ۾ غزل جي وڏي نالي واسديو موهيءَ جي مهاڳ کانسواءِ آثم ناٿن شاهي، اياز گل، بيخود بلوچ، مفتون ڪورائي، جميل سومري ۽ شھنيلا علي جا تاثر پڻ لکيل آهن. سندس ڪتاب ”منهنجو ادبي سفر“ ۾ هن پنھنجي شاعريءَ جو پسمنظر پڻ بيان ڪيو آهي.
1969.05.05 عيسوي
نوجوان شاعر پريم پتافيءَ جو اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 5 مئي 1969ع تي جنم وتو.