پريمي موهن لعل

’پريمي‘ موهن لعل: موهن لعل ’پريمي‘ ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شھر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين جنوري 1963ع تي ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (اردو) ۽ ايم. فل (اردو) آهي. گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. 100 کن تحقيقي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيا اٿس. سچل سرمست جي اردو شاعريءَ تي ايم. فل ڪئي اٿس، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. ”سچل سرمست ڪِي اردو شاعري“ (2004ع) ڪتاب ڇپيل اٿس، جڏهن تہ (1) سچل سرمست ڪِي اردو اور فارسي شاعري، (2) ادبي گل (چونڊ مقالا) ۽ (3) شاھہ ۽ سچل (ترتيب) ڇپائيءَ هيٺ اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.01  عيسوي

موهن لعل ’پريمي‘ ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين جنوري 1963ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصحاب ڪھف
قادر بخش طالباڻي
آخوند محمد حيات حاتم
ظفر ﷲ جمالي
ڀاڳ ڀان
جعفري علي سردار
پاڻيڻي
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
خانصاحب ڪمال الدين عباسي
ڇٽو فقير ڪوريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون