
پريل دايو
پريل دايو: نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پني عاقل ۾ پورهيت ولي محمد دايي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ مڊل جي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪولن مان ، مئٽرڪ پني عاقل ۽ ڪاليجي تعليم گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان کيس ادب سان چاھہ هو. 1980ع کان ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1984ع کان عبرت مئگزين ۽ نئين زندگيءَ ۾ شاعري ڇپجندي رهيس. ٻارڙن جي تنظيم ساٿي ٻارڙا ۾ شموليت سان تنظيم سازيءَ جو ڏانءُ سکيو. 1986ع کان سنڌي ادبي سنگت پني عاقل شاخ سان وابستہ آهي. صحافت دوران روزاني ڪوشش، عوامي آواز سميت ڪيترن اخبارن ۾ ڪم ڪيو اٿس. گذريل 10 سالن دوران سکر ۽ پني عاقل مان مختلف وقتن تي اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيائين. هفتيوار ”ڪشش“، ”پنوعاقل ويوز“، ”سھڻي سنڌ“، ”آواز حق“، ٻہ ماهي ”ڇانورو“ وغيرہ جو ايڊيٽر رهيو. سندس ڪلام غلام علي سنديلي، اعجاز ٻرڙي، توفيق عباس ۽ گل بخاري بہ ڳايو آهي. پني عاقل پريس ڪلب جو ڪيترا ڀيرا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. پريل دايي جو ٻارن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ’ٻاتا جنين ٻول‘ ڇپيل آهي، جنهن تي کيس سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ٻاراڻي ادب جو اوارڊ ۽ 2006ع ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري طور ”مڃتا اوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هو سنڌي ادبي سنگت پني عاقل جو سيڪريٽري ۽ ضلعي سکر جو رابطہ سيڪريٽري بہ رهيو آهي.
1971.05.05 عيسوي
نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پني عاقل ۾ پورهيت ولي محمد دايي جي گهر ۾ جنم ورتو.