رخسانه پريت

رخسانه پريت

پريت رخسانه

پريت، رخسانه: نئين ٽهيءَ جي شاعره، رخسانه ’پريت‘ جو پورو نالو رخسانه ڌيءَ محمد صديق چنڙ آهي. سندس والدين نوابشاھہ ۾ رهن ٿا، پر هن جنم ڪاري موري هيرآباد، حيدرآباد ۾، 23 آگسٽ 1967ع تي ورتو، جڏهن سندس والد زبيدہ گرلس ڪاليج ۾ اڪائونٽنٽ هو. سندن اصل ڳوٺ سومر چنڙ تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهروفيروز آهي، رخسانه ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول غريب آباد، نوابشاھہ ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھہ مان حاصل ڪري پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھہ مان 1993ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪئي. پي. ايم. سي هاسپيٽل نوابشاھہ ۾ گائنيءَ ۾ 6 مهينا ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ميڊيسين ۾ 6 مهينا هائوس جاب ڪيائين. 1998ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ڪواليفاءِ ڪيائين. فيبروري 2000ع ۾ مشھور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سان سندس شادي ٿي. ڊاڪٽر رخسانه 2000-1999ع ۾ وزيراعظم جي خانداني منصوبه بندي ۽ بنيادي صحت واري پروگرام هيٺ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر طور ضلعي نوابشاھہ ۾ ڪم ڪيائين. ان بعد 2000 کان 2002ع تائين ميڊيڪل آفيسر تعلقو ڪوٽڙي رهي. جنهن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هاسپيٽل قاسم آباد ۽ دارالامان قاسم آباد ۾ رهي آهي ۽ هن وقت ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي.
رخسانه ’پريت‘ 89-1988ع واري دور ۾ نوابشاھہ جي ڪيترن ادبي، سماجي ۽ سياسي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي، پي. ايم. سي ۾ پڙهڻ دوران لطيف ڏهاڙن تي ڪمپيئرنگ ڪندي هئي. 94-1993ع دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’پياسي ساڀيان جل ٿل خواب‘ (1997ع) ڇپيل آهي، جڏهن تہ ماهوار ’اديب‘ مارچ 2004ع ۾ سندس خاص ڪارنر ’رخسانه پريت ڪارنر‘ بہ ڇپيل آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت، شاخ حيدرآباد جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ عورتن جي تنظيم WAF (وومين ايڪشن فورم، حيدرآباد) جي ميمبر آهي. پنھنجي ساٿياڻين سان گڏ ڪيترين ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي رهي ٿي، سندس غزلن جو هڪ مجموعو ڇپائيءَ هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.08.23  عيسوي

رخسانه پريت جوجنم ڪاري موري هيرآباد، حيدرآباد ۾، 23 آگسٽ 1967ع تي ورتو،



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم غلام محمد عرشي
ارجن شاد
خضراڻي ميان بيگ انڍڙ
سعيدالزمان عاطف
ثنائي مشهدي
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
پلي شمس الدين
غوثل ميراڻي
مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
حبيب جالب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون