پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ

پروين موسيٰ ميمڻ ڊاڪٽر

پروين موسيٰ ميمڻ ، ڊاڪٽر: پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شھر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 20 نومبر 1958ع تي جنم ورتو. سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ٿي رهيو. پيءُ جي بدلين سانگي سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ماتلي، عمرڪوٽ، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1975ع ۾ انٽرميڊئيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري جي استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي. 1983ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب ۾ ۽ پوءِ 1988ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچرر طور ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص ۽ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪم ڪيائين. ھي سردار بھادر (ايم بي اينڊ جي ايف) گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرڊ ٿي آهي. 2012ع ۾ ’سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو‘ جي عنوان سان مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ادبي زندگيءَ ۾ سندس پھريون افسانو ”چري“ جي عنوان سان 1973ع ۾ هلال پاڪستان ۾ ۽ ٻيو ”ماءُ جو دلاسو“ (خليل جبران جي ڪھاڻيءَ جو ترجمو) شايع ٿيا ۽ ڪافي مضمون بہ لکيائين، جنھن کانپوءِ تہ سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏانھن ٿيو. 2004ع کان سندس ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: ’جائزو ۽ لطيفيات'>سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات‘ (2004ع)، ’سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس‘ (2008ع)، ’اٿي رائو ريل‘ (2008ع)، ’آديسن ادب آهي اکڙين ۾‘ (2009ع)، ’سون ورنيون سوڍيون‘ (2009ع)، ’وکر سو وهاءِ‘ (2011ع)، ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ (2016ع)، ’پلئہ پايو سچ‘ (2016ع)، ’سنڌي ادب پڇا ڳاڇا‘ (چٽا ڀيٽي جي امتحان لاءِ) (ٽي ڇاپا: 2010ع، 2016ع ۽ 2020ع)، ’اخلاقي قدر‘ (ٽي ڇاپا، 2010ع، 2016ع ۽ 2020ع)، ’سنڌ ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو‘ (ادبي تاريخ) ائدوانسڊ پبلشر لاهور 2015ع، 2016ع (ٻہ ڇاپا) 2018ع ۽ 2020ع ٻہ ڇاپا محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي (هي واحد ڪتاب آهي جنھن جون 4 هزار ڪاپيون ڇپيون آهن. خاص سي. ايس. ايس جي سنڌيءَ جي نئين نصاب مطابق آهي)، .”گلدستو“ (مضمونن جو مجموعو پي سي ايس لاءِ محمد مموسيٰ ادبي اڪيڊمي)2017ع، 2018ع، 2019ع (ٽي ڇاپا)، ’سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس 1985ع تائين‘ (پي. ايڇ. ڊي مقالو) پيڪاڪ پبلشرز (2020ع). ’ٽي تحفا‘ (ٻالڪ ادب ڪھاڻيون) پوپٽ پبلشنگ خيرپور، 2021ع، ’شرارتي جن‘ (ٻالڪ ادب ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2022ع، ’پوپٽ ۽ گلاب‘ (جانورن ۽ پکين جون ڳالهيون ٻوليون ڪھاڻيون: ٻالڪ ادب) چانڊوڪي پبليڪيشن (2023ع)، ’ثاقب جي آئيسڪريم‘ (ٻالڪ ادب: ڪھاڻيون 2023ع) چانڊوڪي پبلڪيشن، ’شھزادي ماھہ نور‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون: چانڊوڪي پبليڪيشن،2023ع، ’سھڻا سخن‘ (عالمن اديبن جا قول ۽ چوڻيون: چانڊوڪي پبليڪيشن (2023ع)، ’جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ‘، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد (2023ع)، ’سنڌي نثرجو جديد مطالعو‘ (آخوند عزيز ﷲ کان عثمان علي انصاريءَ تائين) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور (2023ع)، ’ويھه تولا سون‘ (ڪھاڻيون/افسانا) سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد (2024ع)، ’معلومات جو خزانو‘ (ٻارن لاءِ) ايڊوانس پبلشرز (2024ع)، ’سائنسي ميلو‘ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور (2024ع)،’حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ (سيرت ترجمو) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2024ع، ’انوکو رازو ’ (ڪھاڻيون: ترجمو ٻارن لاءِ)ايڊوانس پبلشنگ حيدرآباد ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ڏيپلائي ٽائون 2025ع، ’اَمر انسانَ‘ (سوانحي مضمون) ايڊوانس پبلشنگ ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 2025ع. ’آخري اسٽيشن ۽ چالاڪ پوڙهي‘ (ٻالڪ ڪھاڻيون) مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2025ع. سندس ٻن ڪتابن ’سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس‘ ۽ ’وکر سو وهاءِ‘ کي HEC طرفان انعام سان نوازيو ويو آهي. 2010ع ۾ سندس ڪتاب ”اٿي رائو ريل“ کي سنڌي ادبي سنگت پاران تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي اوارڊ شيلڊ ڏني وئي. ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي اوارڊ مليل اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو