پرسيا وشان: هن گاھہ کي لاطينيءَ ۾'Adiantum Capillus' ، عربيءَ ۾ شدالارض، فارسي ۽ اردو ۾ پرسياؤ شان، سنسڪرت ۾ چتراپدا، پنجابيءَ ۾ کوه بوٽي، ڪشميريءَ ۾ دم تولي، هندي ۾ هنسراج، بنگاليءَ ۾ گوپاءِ لتا ۽ گجراتيءَ ۾ هنس بدي سڏيو ويندو آهي. هن جا پن ڳاڙهاڻ مائل ٽامي جي ڪلر جھڙا ٿين ٿا. پن ننڍڙا ٿين ٿا، جن ۾ شڪل سڪڻ کان پوءِ بہ تبديل نہ ٿيندي آهي. هن جون ٽاريون ڪاراڻ مائل هونديون آهن. ڪشـميــر، مري، ايران ۽ پاڙيسـري ملڪن ۾ عـام جـام ٿئي ٿو. گهڻو ڪري اهو سمجهيو وڃي ٿو تہ هي سنڌ ۾ نٿو ٿئي، پر ڪجهہ هنڌن تي سنڌ ۾ بہ ملي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ۾ هن جي پوک ڪئي وڃي تہ تمام گهڻي ٿيندي. هي وکر طبيبن جي ڪم اچي ٿو.