پرسرام ضياء

پرسرام ’ضياء‘: سنڌ جي ٻهڳڻي شاعر پرسرام ’ضيا‘ جو جنم، 11 جولاءِ 1911ع تي ٽنڊي آدم جي رهاڪو هيرانند سچاننداڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ٽنڊي آدم ۾ حاصل ڪئي، بعد ۾ هو نوابشاهه ڏانهن لڏي ويا. نوابشاهه شهر ۾ هن سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگھيو، پر عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ سٺي ڄاڻ هئس. گذر سفر لاءِ هن هڪ سيٺ جي دڪان تي خانگي نوڪري به ڪئي ۽ بعد ۾ پنهنجو ڪپڙي جو دڪان کوليائين. ادبي سرگرمين ۾ گھڻو سرگرم رهيو، نوابشاهه ۾ هو مراد علي ’ڪاظم‘ جو شاگرد ٿيو. پرسرام ’ضياء‘ اتي ”بزم ادب“ جو پايو وڌو ۽ 1947ع ڌاري ”ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري هو. هن ننڍي عمر ۾ ئي شاعري شروع ڪئي. جوانيءَ ۾ سندس طبيعت عشق مجازي ڏانهن مائل هئي، پهرين سندس تخلص ”پرسو“ هو، پر پوءِ ”رنجور“ تخلص اختيار ڪيائين. سندس هيٺيــان شعـري مجمـوعا ڇپيـا آهن: (1) ”گلـزار رنجـور“ (1936ع)،
(2) ”تصوير احساس“ (1943ع)، (3) ”باغ بهار“ (ٻاراڻا گيت: 1954ع)، (4) ”آلاپ ضياء“ (گيت ۽ غزل: 1959ع)، (5) ”ادبي گل“ (1978ع)، (6) ”پيغام ضياء“ (گيت ۽ غزل: 2000)، (8) ”گيت برهه جا“ (ورهاڱي جا گيت).
سندس شعري مجموعي ”تصوير احساس“ تي سنڌ سرڪار پاران انعام مليو هو، سنڌ ۾ ’سنڌي مشاعرن‘ ۾ شرڪت ڪندو هو، جتي کيس وڏو داد ملندو هو.
ورهاڱي بعد پرسرام ’ضياء‘ سنڌ کي الوداع ڪري ڀارت هليو ويو ۽ الهاس نگر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هن بمبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن ۾ ”سُوٽائي“، ”سودائي“ ۽ ”سپاهي“ تخلص سان ڪيترا طنزيه نظم ڇپايا، جن ۾: ”سگريٽ باز جا گفتا“، ”سپاهيءَ جا سخن“ وغيره ڏاڍا مقبول ٿيا. هن سماجي اوڻاين، چور بازاري، مهانگائيءَ، ڏيتي ليتيءَ ۽ زندگيءَ جي بدلجندڙ قدرن تي ڪيترا نظم به لکيا. پرسرام ضياءِ نعتيه ڪلام به لکيو، جنهن بابت پروفيسر اجواڻيءَ ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ پنهنجي ادبي تاريخن ۾ اُن ڪلام کي ”غير فطري“ سڏيو هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي لفظ، محاورا ۽ تشبيهون به ڪم آنديون آهن. سندس ڪلام قومي درد، عام انسان سان همدردين ۽ احساسن سان ڀرپور آهي. ورهاڱي جي رد عمل ۾ هن جو نظم ”پِٽي پئي پوهوءَ ماءُ“ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جنهن ۾ ڌرتيءَ کان ڌار ٿيل شرنارٿين جي دردن جو عڪس چٽيل آهي.پرسرام ’ضياء‘ زندگيءَ جو پويون عرصو ”سنڌو ايجوڪيشن سوسائٽي، الهاس نگر“ جي سنڌي اسڪولن ۾ ماستري ڪئي، صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس جي صحبت ۾ مٿس روحاني رنگ چڙهيو. سنڌ کان وٺي پرسرام ’ضياء‘ جو ماسٽر چندر سان نينهن جو ناتو رهيو هو، ۽ اهو دوستيءَ جو ناتو هند ۾ سيڻپي ۾ بدليو. ماسٽر چندر جي وڏي پٽ گوپ پرسرام ’ضياء‘ جي نياڻيءَ سان لائون لڌيون. پرسرام ’ضياء‘ جو ڪلام ماسٽر چندر ڳائي وڌيڪ مقبول ڪيو. هن ڪيترين سنڌي فلمن جهڙوڪ: ’اباڻا‘، ’لاڏلي‘، ’جهولي لال‘ ۽ ’انصاف ڪٿي آهي‘ لاءِ گيت به لکيا. سندس ڪلام ماسٽر چندر کان سواءِ بلوسي راڻي، رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻيءَ ۽ ٻين ڳائي کيس مقبول عام شاعر بنائي ڇڏيو. سندس ڪلام ۾ رومانوي رنگ وڌيڪ آهي ۽ غزل نهايت اثرائتا ۽ دل کي ڇهندڙ آهن. هن سکمني، شريمد ڀڳوت گيتا، ويد منتر، جپ صاحب ۽ نائين محلين جا سلوڪ سپڪ ۽ سادي سنڌي شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيا. ڀڳونتي ناواڻيءَ پرسرام ضياء جي ترجمو ڪيل سکمني پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳائي کيس امر ڪري ڇڏيو آهي، ضياء صاحب ٻارن لاءِ به گيت لکيا آهن. هو عوام جو مقبول ترين شاعر هو. هن کي ڪيترين سنڌي پئنچائتن ۽ تنظيمن ٽرافيون ۽ انعام ڏنا، کيس وزارت تعليم هند پاران 1958ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو، هن 28 آڪٽوبر 1958ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ پرسرام ضياءھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.07.11  عيسوي

سنڌ جي ٻهڳڻي شاعر پرسرام ’ضيا‘ جو جنم، 11 جولاءِ 1911ع تي ٽنڊي آدم جي رهاڪو هيرانند سچاننداڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو.


1958.10.28  عيسوي

پرسرام ’ضياء 28 آڪٽوبر 1958ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالخالق مولوي
ابو شوڪت حمزو
پلي شمس الدين
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
شيخ اياز
سيد عباس علي شاهه رضوي
ديدڙ شاهه محمد
ٺٽوي نيازي
شيڪسپيئر وليم
حافظ حامد ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون