پرديپ

پرديپ: سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ۽ ليکڪ ’پرديپ‘ جو اصل نالو ڪرشن لعل بجاج آهي، جيڪو 15 فيبروري 1935ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’سچ جي راھہ‘ ۽ ’جيڪڏهن مان چنڊ تي وڃان‘ شامل آهن. هندي ٻوليءَ جي ٻن اخبارن ’يگ ڌارا‘ ۽ ”نيو ڀارت ٽائمس“ لاءِ ڪم پڻ ڪيائين. سندس رهائش بجاج نواز، الهاس نگر (ڀارت) ۾ آهي.


لفظ پرديپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو