پراڻو ديرو2

پراڻو ديرو2: پراڻي ديري جي نالي سان هڪ قديم شھر تعلقي شاهبندر جي تپي ”ڇڇ جھان خان“ جي ديھہ ”ديرو پراڻو“ ۾ واقع آهي. هيءُ قديم شھر سمن جي دؤر ۾ گاديءَ جو هنڌ هو. بعد ۾ مغل بادشاھہ اورنگزيب 1041ھہ/ 1631ع ۾ ان جي سامهون ”اورنگا بندر“ نالي نئون بندر ٻڌايو. هن وقت هن بندر جا آثار معدوم ٿي ويا آهن ۽ اورنگزيب جي ماڙيءَ جا آثار بہ پٽ پئجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو