پد ماک

پد ماک (Bird Cherry): هن وڻ کي هنديءَ ۾ پدم، گجراتيءَ ۾ پدم ڪاٺي، پنجابيءَ ۾ امل گچ، اردوءَ ۾ پدماک، انگريزيءَ ۾ Himalyan cherry ۽ لاطينيءَ ۾ Prunus Cerasoides چيو ويندو آهي. هن وڻ جي آڪھہ کي Rosaceae سڏبو آهي.
هي هڪ قد آور وڻ آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي قد کان وٺي 27 ميٽر تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هنجا پن ساڍن ستن کان ساڍا ٻارنهن سينٽي ميٽر ڊگها ٿين ٿا. هن وڻ جي ڏانڊي سوا سينٽي ميٽر ڊگهي ٿيندي آهي. ڏانڊين تي هڪ کان ٻہ ننڍيون ڳنڍيون هونديون آهن. هن جا گل گلابي يا اڇا هيڊاڻ مائل هوندا آهن. جيڪي آڪٽوبر نومبر ۾ نڪرندا آهن. هي ستلج نديءَ جي ڪناري پنجاب ۾ گهڻو ٿئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ برما ۾ بہ ٿئي ٿو. هندستان جي پنجاب کان سواءِ سڪم کيسيا هل، مني پور ۾ بہ ٿيندو آهي. هن جو ڦل هيڊو نارنگي رنگ تي ٿيندو آهي، جيڪو ذائقي ۾ ڪڙو هوندو آهي. هي ٻوٽو طبابت ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو