پدماوت (ڪتاب): هندي ٻوليءَ ۾ ملڪ محمد جائسيءَ جي مشھور مثنوي. هي ڪتاب شيرشاھہ سوريءَ جي زماني ۾ لکيو ويو. هن ۾ ضد ۽ ٽڪراءَ مان پيدا ٿيندڙ ٽريجڊڪ/ دکدائڪ واقعو پيش ڪيل آهي. هن ۾ هڪ روايت ملي ٿي تہ رتن سين ڏاڍي سڪ ۽ پريم مان پنھنجي پريميڪا پدمڻيءَ کي پرڻائي چتور وٺي اچي ٿو ۽ علاوالدين خلجي پدمڻيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ چتور تي حملو ڪري رتن سين کي قيد ڪري ٿو. رتن سين جي فوتگيءَ کان پوءِ پدمڻي ستي ٿئي ٿي. ان سموري واقعي تي ملڪ محمد جائسيءَ هيءُ ڪتاب لکيو آهي.