
پتڻ ٿو پور ڪري ڪتاب جي تصوير
پتڻ ٿو پور ڪري (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري شاعر شيخ اياز جي نثري شاعري/ ٽڪرن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ناشر پنھنجي نوٽ ۾ لکيو آهي تہ: ”هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي مختلف قدرن تي، شاعراڻي انداز ۾ روشني وڌل آهي. وطـن، آزادي، غـلامي، جنـگ، امـن، مذهـب، وحدت، ڪثرت، اشتراڪيت، پيار ۽ نفرت وغيرہ. مطلب تہ زندگيءَ جي مختلف فلسفن، نظرين ۽ رجحانن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. هي هڪ ڪتاب نه، بلڪ ڪيئي ڪتاب آهن. علم ۽ فلسفي جي دنيا جو هڪ عظيم ترين شاهڪار، جڏهن بہ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، تڏهن هن ڪتاب کي عالمي ادب ۾ مٿانهون ليکيو ويندو.“سمبارا پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، آڪٽوبر 1982ع ۾ شايع ٿيو، پهرئين ڇاپي انتساب يوسف شاهين جي نالي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس حيدرآباد پاران شايع ڪرايو ويو، جڏهن تہ ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ، پاران شيخ اياز جي سموري شاعريءَ جا جيڪي جلد ڇپرايا آهن، انهن مان 2008ع ۾ ڇپيل ٻئي جلد ۾ هيءُ ڪتاب بہ شامل آهي. ان لحاظ کان اهو هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ٿيو، جڏهن تہ ’پور ڪري'>پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو چوٿون ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2008ع تي ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت -/300 روپيا آهي. پڪي جلد جي 226 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.