پَترِڻي: سونارڪي ڪم جو هڪ اوزار، جنهن سان ڳھن تي چِٽ ڪڍبا آهن. لوھہ يا پِتل جي هڪڙي پٽي هوندي آهي، جنهن ۾ چٽن وارا خال ٺهيل هوندا آهن. سونارا ڳھہ تي پٽِ رکي چِٽ جو نشان ليڪي پوءِ اهو چٽ ٺاهيندا آهن.