پبلڪ لائبرري قاضي احمد
پبلڪ لائبرري قاضي احمد: هيءَ لائبرري سال 1960ع ۾ قاضي احمد شهر، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي بينظيرآباد) ۾ قائم ڪئي وئي. هن لائبرريءَ ۾ ڏيڍ هزار کان وڌيڪ ڪتاب ۽ ڪجهه قلمي نسخا موجود آهن. هن لائبرريءَ ۾ شهر جي معزز شخصيت رئيس علي نواز خان انڙ وڏي تعداد ۾ ڪتاب ڏنا هئا.