پاڻيپٽ

پاڻيپٽ: هي شھر ڀارت جي صوبي هريانا جي ضلعي ڪرنال ۾ آهي، جيڪو جمنا نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. هيءُ نهايت آڳاٽو شھر آهي، جنهن جي تاريخ مهاڀارت جي زماني کان شروع ٿئي ٿي. پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ جيڪو ميدان مقابلي لاءِ چونڊيو ويو، اهو ’پاڻيپٽ‘ جو ميدان هو.پاڻيپٽ هميشہ اولھہ کان هندستان تي حملو ڪندڙن جي آماجگاھہ رهيو آهي. 326 ق. م ۾ يوناني هن شھر تي حملو ڪري اڳتي وڌيا. ان کان پوءِ وچ ايشيا جون قومون مختلف دورن ۾ (150 ق. م کان 600ع تائين) هن شھر تي حملا ڪنديون رهيون. 402 ھہ/ 1011ع ۾ محمود غزنويءَ پاڻيپٽ ۽ ٿانيسر تي حملو ڪيو، جنهن زماني ۾ شام، ايران، عراق ۽ وچ ايشيا کان عرب ۽ ٻيا مسلمانن جا مختلف خاندان هندستان جي مختلف شهرن ۾ آيا تہ ’پاڻيپٽ‘ بهتر آبهوا جي ڪري انهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. آهستي آهستي هي شھر اهل علم، صوفين ۽ ولين جو مسڪن بڻجي ويو. ’پاڻيپٽ‘ جي عظمت جو زمانو خاص طور اهو هو، جڏهن شاھہ شرف بو علي قلندر هتي تصوف، سلوڪ ۽ روحانيت جو درس ڏئي رهيو هو، ان زماني ۾ ’پاڻيپٽ‘ هندستان جي چونڊ بزرگن جو مرڪز بڻيل هو. ان وقت هتي 700 عالم فاضل موجود هئا. 932ھہ/1525ع ۾ بابر، ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏني. 964ھہ/1556ع ۾ اڪبر هيمون بقال جي فوج جو خاتمو آندو. آخري دفعو 1174ھہ/1760ع ۾ مرهٽن کي احمد شاھہ ابداليءَ شڪست ڏني. پاڻيپٽ جون تاريخي لڙايون: پهرين لڙائي مغل بادشاھہ ظھير الدين بابر ۽ سلطان ابراهيم لوڌيءَ جي وچ ۾ 932ھہ/1526ع ۾ پاڻيپٽ جي ميدان تي لڳي. سلطان ابراهيم جي فوج هڪ لک سپاهين تي مشتمل هئي ۽ بابر سان گڏ صرف ٻارهن هزار جنگي جوان هئا. بابر پاڻ تجربيڪار سپھہ سالار ۽ جنگ جي فن جو ماهر هو. بابر ۽ ابراهيم لوڌيءَ جي فوجن وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو. ابراهيم لوڌيءَ جي فوج شڪست کاڌي ۽ پهريون دفعو هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد پيو. ٻي لڙائي هيمون بقال ۽ بيرم خان جي وچ ۾ 964ھہ/1556ع ۾ لڳي. همايون جي وفات کان پوءِ اڪبر بادشاھہ جي تخت نشينيءَ جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن هيمون بقال جيڪو عادل شاھہ جو وزير ۽ وڏيءَ همت وارو هو، تنهن دهليءَ ۽ آگري تي قبضو ڪري ورتو. پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ٻنهي فوجن وچ ۾ جنگ لڳي. آخر بيرم خان کي فتح حاصل ٿي ۽ هيمون بقال زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو. پاڻيپٽ جي ٽين جنگ احمد شاھہ ابداليءَ ۽ مرهٽن جي وچ ۾ 1174ھہ/ 1760ع ۾ لڳي. ان وقت تائين مرهٽا هندستان جي وڏي حصي تي قبضو ڪري چڪا هئا. مرهٽن جي سردار رگهوناٿ مغلن کي شڪست ڏئي دهليءَ تي قبضو ڪيو، تنهن کان پوءِ هن لاهور تي حملو ڪري اٽڪ واري علائقي تائين قبضو ڪري ڇڏيو. احمد شاھہ ابداليءَ اهو علائقو واپس وٺڻ لاءِ چوٿون دفعو برصغير تي حملو ڪيو. هن جنگ ۾ مرهٽن کي شڪست آئي. احمد شاھہ ابدالي دهليءَ پهچي، شھزادي علي گوهر کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو. 11 سيپٽمبر 1803 تي ’پاڻيپٽ‘ انگريزن جي قبضي ۾ آيو، پاڻيپٽ جي موجودہ آبادي هڪ لک کان وڌيڪ آهي.


لفظ پاڻيپٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو