
ڪتاب جي تصوير
پاڳارا آئينو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب فقير سردار ڀيي جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ پير صاحب پاڳاري، سندس خاندان، خليفن، درگاهن، مريدن ۽ درگاه بابت، سوالن ۽ جوابن تي مشتمل موجود مواد آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشھور استاد ۽ اديب الهورايي بھڻ لکيو آهي، جڏهن تہ فقير عبدالرحيم سڪندري، فقير عبدالرزاق مهراڻ سڪندري ۽ فقير رسول بخش جنجهه جا تاثر شامل آهن. رنگين ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ 260 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت -/200 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ پير صاحبن، سندن اولاد ۽ درگاهن جون تصويرون بہ شامل آهن. هيءُ ڪتاب روضي ڌڻي پبليڪيشن ڇور، عمرڪوٽ طرفان 2000ع ۾ ڇپايو ويو آهي.