پاڪ پتڻ

پاڪ پتڻ: پاڪ پتڻ جو قديم نالو ’اجوڌن‘ (ايوڌن) آهي. هن شھر جو بابا فريد گنج شڪر جي ڪري هڪ خاص مقام آهي. پاڪ پتڻ لاهور کان ڏکڻ اولھہ طرف 175- 180 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. پاڪ پتڻ جي اتر اوڀر ۾ اوڪاڙه، اتر اولھہ ۾ ساهيوال، ڏکڻ ۾ بھاول نگر ۽ ستلج ندي، جڏهن تہ ڏکڻ اولھہ ۾ واهاڙي آهي. تاريخ تي گهَري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ پاڪ پتڻ جي تاريخي، علمي ۽ سماجي زندگيءَ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو تہ هن علائقي کي تمدني مرڪزيت حاصل آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب کي ڏسڻ سان اندازو ٿئي ٿو تہ هڙپا، پاڪ پتڻ کان ڪجهہ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. ٻئي پاسي قديم تاريخي شھر ديپالپور هئڻ ڪري پاڪ پتڻ جي تاريخ منفرد رهي آهي. پاڪ پتڻ جي جاگرافيائي اهميت کي تاريخدانن ۽ محققن خاص اهميت ڏني آهي. ننڍي کنڊ جي دولتمند، ترقي يافته، سياسي سماجي، معاشي، فوجي ۽ مذهبي مرڪزيت جي حامل هن شھر خاص ڪري تخت دهليءَ ۽ تخت ملتان جي وچ ۾ مرڪزي شھر ۽ گذرگاھہ هئڻ ڪري اڪثر بادشاھہ، عالم، ديني بزرگ، جنگجو ۽ مختلف مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو هتي ايندا رهيا. يارهين صدي عيسويءَ ۾ محمود غزنويءَ ننڍي کنڊ تي حملو ڪري، هتي پهرين اسلامي حڪومت قائم ڪئي. پاڪ پتڻ جي سلسليوار تاريخ سڀ کان پهرين سبڪتگين (افغان حاڪم) کان شروع ٿي، جيڪو 78-977ع ۾ هتي آيو. هن کان پوءِ 81-1979ع ۾ ابراهيم غزنوي هتي آيو ۽ هتي قلعي تعمير ڪرائڻ کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ بابا فريد شڪر گنج هتي آيو ۽ دين ۽ دنيا جي تبليغ ڪيائين. بابا فريد 5 محرم الحرام 664 ھہ/ 17 آڪٽوبر 1285ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس دور ۾ اجوڌن (ايوڌن)، پاڪ پتڻ بڻيو ۽ علم دانش جو گهَوارو ٿيو ۽ تاريخ جو حصو بڻيو. غوري، غلام گهراڻي ۽ بلبن خاندان، خلجي دور، تغلق دور، امير تيمور جي حڪمراني، سادات خاندان جي حڪمراني، مغليه دور، شير شاھہ سوريءَ جي حڪمراني، راجپوت خاندان جي حڪمرانيءَ جو دور، سکن جو دور، احمد شاھہ ابداليءَ جي جانشين زمان شاھہ انگريز دور کان وٺي پاڪستاني حڪومت تائين سمورن دورن جي حاڪمن، پاڪ پتڻ کي هڪ خاص حيثيت ڏني. 1849ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضي کان پوءِ پاڪ پتڻ جي تاريخي اهميت ڏسندي، ان کي ضلعي جي حيثيت ڏني. لاهور ۽ ملتان جي وچ ۾ صرف هڪ هي ضلعو هو، جتي انگريزن سُٺيون آفيسون ٺهرايون، جن کي اڄڪلھہ ڪالوني ايريا سڏيو وڃي ٿو. 1920ع ۾ ٻہ ڪئنال، اپر ڪئنال ۽ لووَر ڪئنال پاڪ پتڻ شھر جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي سؤ ڪلوميٽر ڊگها ٺهرائي، زراعت کي ترقي ڏياري وئي. 1925ع ۾ انگريزن هتي فيرورزپور، قصور، حويلي، خانيوال، ميلسي ۽ بھاولپور سان گڏ وڏي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي. 1852ع ۾ هن جي ضلعي حيثيت ختم ڪري، ان کي تعلقو بنايو ويو. 1873ع ۾ ان کي ساهيوال جو تعلقو بنايو ويو، جڏهن تہ 1991ع ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ نوازشريف پاڪ پتڻ کي ضلعي جي حيثيت ڏني ۽ هي ضلعو ٻن تعلقن: ضلعي هيڊڪوارٽر پاڪ پتڻ ۽ تعلقي عارف والا تي مشتمل آهي. پاڪ پتڻ پهرين پنجاب صوبي جي ضلعي ساهيوال جو مشھور شھر ۽ تعلقو رهيو هو. هيءُ ستلج درياھہ جي ساڄي ڪپ کان اٺ ميل پري واقع آهي. هن هنڌ کي بابا فريد گنج شڪر جي نسبت سان خاص شھرت حاصل آهي. بابا فريد گنج شڪر پنھنجي وصال تائين هن علائقي ۾ رهيو ۽ اتي سندس تبليغ جي ڪري، پنجاب جي وڏن قبيلن، خاص ڪري سيالن ۽ راجپوتن، اسلام قبول ڪيو. بابا فريد جي مزار تي ماڻهو پري پري کان زيارت لاءِ ايندا آهن. هن شھر کي قديم زماني کان تاريخي حيثيت حاصل آهي. هيءُ شھر ”چالوڪيا“ خاندان جي راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. اڪبر بادشاھہ، بابا فريد گنج شڪر جي مزار جي ڪري، کيس ”پاڪ پتڻ“ جو نالو ڏنو. 326 ق. م ڌاري جڏهن سڪندراعظم هندستان تي ڪاھہ ڪئي، تہ ان زماني ۾ هتي ”سوارڪا“ قوم جا ماڻهو رهندڙ هئا. سوارڪا بھادر قوم هئي، هنن سڪندراعظم جو اهڙو تہ دليريءَ سان مقابلو ڪيو، جو هو سندن علائقي کان اڳتي وڌڻ جي همت نہ ڪري سگهيو. اجوڌن شھر ۾ هڪ مضبوط قلعو هو، جيڪو سبڪتگين 977ع يا 978ع ڌاري پنھنجي قبضي ۾ آندو. غزني گهراڻي جو هڪ ٻيو بادشاھہ ابراهيم بہ ڪجهہ عرصي تائين هن قلعي تي قابض رهيو. 1398ع ۾ جڏهن امير تيمور هندستان تي ڪاھہ ڪئي تہ هتي جا اڪثر ماڻهو شھر خالي ڪري نڪري ويا ۽ ڪي ٿورا ماڻهو پاڪ پتڻ ۾ باقي رهجي ويا. امير تيمور، بابا فريد گنج شڪر جي احترام ۾ سندس جان بخش ڪري ڇڏي. چون ٿا تہ جڏهن بابا فريد اجوڌن آيو هو تہ هڪ هندو جوڳي ”بيرناٿ“ سندس سخت مخالفت شروع ڪري ڏني، پر سندس روحاني اثر ڪري اهو جوڳي اڳتي هلي مسلمان ٿيو، جيڪو پوءِ ’پيرڪمال‘ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو. ان واقعي کان پوءِ بابا فريد مستقل طور تي اجوڌن ۾ رهائش اختيار ڪئي. غازي بيگ تغلق، جيڪو بعد ۾ سلطان غياث الدين تغلق جي لقب سان دهليءَ جو بادشاھہ بڻيو ۽ تغلق گهراڻي جو باني ليکيو ويو، ان بابت روايت آهي تہ اهو بابا فريد جي دعا سان، پهرين ملتان جو گورنر ۽ پوءِ دهليءَ جو بادشاھہ بڻيو. امير تيمور جي زماني تائين عام ماڻهو هن شھر کي اجوڌن ئي چوندا رهيا، پر مسلمانن ۾ ’پاڪ پتڻ‘ نالو ئي رائج رهيو. بعد جي زماني ۾ اجوڌن جو نالو نہ ٿو ملي. اڪبر جي دؤر ۾ بہ هن شھر کي پاڪ پتڻ ئي لکيو ويو آهي. پاڪ پتڻ ۾ هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ کان بابا فريد جو عرس وڏي شان ۽ مان سان ملهايو وڃي ٿو ۽ زائرين پري پري کان لکن جي تعداد ۾ اچي، سندس درگاھہ تي حاضر ٿيندا آهن. 1398ع ۾ امير تيمور ملتان فتح ڪيو تہ پاڪ پتڻ تي بہ لشڪر ڪشي ڪيائين. ڪنهن زماني ۾ پاڪ پتڻ جي حيثيت هڪ واپاري شھر جي هئي. 1868ع ۾ هتي ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. هتي ”لاک“ ٺاهڻ جي صنعت گهڻي مشھور آهي. هيءُ شھر عمدي ڪپڙي جي اڻاوت جو مرڪز رهيو آهي. هتان جون گوڏون ۽ کيس مشھور آهن. موجودہ پاڪپتن ايڏو سھڻو شھر ڪونهي. شھر جي چوڌاري ڪا فصيل (ديوار) بہ ڪانهي، ان جون بازارون سوڙهيون آهن. پاڪستان کان اڳ شھر ۾ کتري، اروڙا ۽ برهمڻ رهندا هئا، مسلمانن ۾ آرائين، قريشي، چشتي ۽ سيد آباد هئا. ورهاڱي کان پوءِ اُتي هندستان مان لڏي آيل مسلمان گهڻي تعداد ۾ آباد ٿي ويا آهن. هن شھر جا ڪاريگر ڪاٺ جي ڪم، رانديڪن، گوڏ جي ڪپڙي ۽ بستري جي چادرن ٺاهڻ جي ڪري مشھور آهن. شھر کي چار تاريخي دروازا آهن. سن 712ع کان 1526ع تائين جي اسلامي دؤر ۾ بہ هن علائقي کي گهڻي اهميت حاصل رهي. ديني تبليغ لاءِ ڪيتريون هستيون پاڪ پتڻ ۾ آيون، جھڙوڪ: حضرت خواجہ عبدالعزيز مڪي، اسلام جو پهريون قلندر هو، جو پاڪ پتڻ ۾ پنهنجن ساٿين سميت شھيد ٿيو هو. اهو هنڌ ”گنج شهيدان“ جي نالي سان مشھور هو، جيڪو بعد ۾ ”گودڙي حضرت بابا فريد“ سڏجڻ لڳو. بابا فريد گنج شڪر پنھنجي مرشد حضرت خواجہ قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ پاڪپتن ۾ آيو. ”تغلق مسجد“ بہ هن شھر جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي. سکن جي روحاني بزرگ بابا گرونانڪ بہ هتي قيام ڪيو هو ۽ اُنهيءَ جاءِ کي ”ٽبه نانڪ سر“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو؛ هتي ئي هن ”گرنٿ صاحب“ لکيو، جنهن ۾ حضرت بابا فريد گنج شڪر جو ڪلام بہ موجود آهي، ۽ اهوئي سبب آهي، جو سک بہ حضرت بابا فريد سان خاص مذهبي عقيدت رکن ٿا. اسلامي دؤر حڪومت ۽ خاص ڪري مغلن جي د‌ؤر ۾ پاڪ پتڻ کي جيڪا اهميت حاصل هئي، انگريزن جي ڏينهن ۾ هن علائقي کي اها اهميت نہ رهي. پاڪستان جي قيام کان گهڻو پوءِ 1990ع ۾ ”پاڪ پتڻ“ کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي آهي.


لفظ پاڪ پتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو