پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو نشان

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو نشان

پاڪستان هاڪي فيڊريشن

پاڪستان هاڪي فيڊريشن: پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو بنياد 1948ع ۾ پيو، هيءَ فيڊريشن هاڪيءَ جي عالمي فيڊريشن (Federation of International Hockey- FIH) سان سلهاڙيل آهي. پي. ايڇ. ايف جو پهريون صدر راجا غضنفر علي خان ۽ سيڪريٽري بشير علي شيخ هو. پاڪستان جي هاڪيءَ جي ميدان ۾ عالمي سطح تي ملڪ جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ڪيو. 1960ع تائين ڪا بہ آفيس نہ هئي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي مستقل آفيس قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ قائم ڪئي وئي. 1978ع کان پوءِ نيشنل سينيئر، نيشنل جونيئر ٽيم ۽ وومين هاڪي ٽيم قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڻ ملهايو. ايئر مارشل نورخان صدر جي حيثِت ۾ ۽ برگيڊيئر ايم. ايڇ. عاطف سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ نہ صرف پاڪستان هاڪي ٽيم کي نئون رخ ڏنو پر پي. ايڇ. ايف کي بہ بهتر طريقي سان منظم ڪيو. پاڪستان هاڪي فيڊريشن، ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۽ چئمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جهڙن مقابلن کي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄڪلھہ اولمپڪس جي برابر ليکيا وڃن ٿا. جڏهن ايئر وائيس مارشل فاروق عمر پي. ايڇ. ايف جو صدر ۽ ڪرنل مدثر سيڪريٽري هو تہ پاڪستان ٻيهر چيئمپيئن ٽرافي ۽ ورلڊ ڪپ کٽيو. ڪيترن سالن کان پاڪستاني هاڪي ٽيم هڪ بحران جو شڪار رهي آهي، 1994ع کان وٺي پاڪستان هاڪي ٽيم ڪا اهم ٽورنامينٽ نہ کٽي سگهي آهي. هن وقت هاڪي فيڊريشن جو صدر قاسم ضياءِ آهي، جنهن 2008ع کان اهي ذميواريون سنڀاليون آهن. ان کان اڳ مير ظفرالله جمالي صدر هو.


لفظ پاڪستان هاڪي فيڊريشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو