پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن جو مونوگرام

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن جو مونوگرام

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (P.M.A ):پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو قيام 28 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ عمل ۾ آيو. 20 اپريل 1948ع کان چٽاگانگ ۾ هن اداري باقاعدگيءَ سان پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ ڊاڪٽر اي. ايم. مالڪ، ڊاڪٽر نصيرالدين ۽ برگيڊيئر ملڪ هن اداري جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اداري جي قيام جو مقصد پاڪستان ۾ ميڊيڪل سائنس جي معيار ۽ ميڊيڪل جي شعبي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن لاءِ سهولتن ۽ دواسازيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ هو. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ هند جنگين دوران متاثرن جي خدمت ڪئي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي تعاون سان ملڪ ۾ ڪافي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن. هي ادارو ورلڊ ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو ميمبر بہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.03.28  عيسوي

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو قيام ڍاڪا ۾ عمل ۾ آيو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سناتن ڌرم سڀا
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
سينٽرل بئنڪ آف انڊيا شڪارپور برانچ
جنگ2
آر بي او ڊي
بزم ادب شڪارپور
جذبات پبليڪيشن
سارڪ
انجمن اسلام لاڙڪاڻو
پاڪستان رائٽرز گلڊ
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون