پاڪستان طوفان ڪِي زَد مين (ڪتاب ):هي ڪتاب محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي انگريزي ڪتاب \\\'Pakistan- The Gathering Storm\\\' جو اردو ترجمو آهي، جيڪو نواب لغاريءَ ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 8 باب آهن، جن ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جون مختلف موضوعن تي لکيل تحريرون شامل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ بہ نواب لغاريءَ پاڻ لکيو آهي، ڪتاب ۾ محترمہ جي جنم کان وٺي شهادت تائين جي سفر کي بہ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس جنم، تعليم، سياست ۽ شهادت جا واقعا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ (ديباچو) خود شھيد بينظير ڀٽو جو لکيل آهي، هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن اسٽار بڪ سينٽر نئين دهلي ءَپاران 1983ع ۾ شايع ڪيو ويو، جڏهن تہ موجودہ ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، مرزا اڪيڊمي بدين مان 2008ع ۾ شايع ڪرايو، ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 136 صفحا آهن ۽ قيمت 100 رپيا آهي.