
پاڇا پوئين پهر جا
پاڇا پوئين پھر جا (ڪتاب ):هي ڪتاب، ڪهاڻيڪار انور بلوچ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ جملي 25 ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ معاشري جي براين کي وائکو ڪيو ويو آهي، جن ۾ پوليس، وڏيرن جون برايون، وڏين حويلين ۾ ٿيندڙ برايون ۽ ٻيون معاشرتي برايون شامل آهن. رنگين ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 152 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 50 رپيا آهي. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 1993ع ۾ شايع ٿيو.