مچي

مچي

پاپليٽ

پاپليٽ: کاري پاڻيءَ جي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. هيءَ سامونڊي مڇي آهي، جيڪا سنڌ ۾ وڌيڪ چاھہ سان واپرائي وڃي ٿي. هن جي منڍي بنھہ نالي ماتر ٿيندي آهي، پر اُن جو پيٽ وڌيڪ ويڪرو ۽ پڇڙي ننڍڙي ٿيندي وڃي ٿي. تمام ذائقيدار مڇي آهي، جنهن ۾ نہ ٿهراڻ ۽ نہ ڪا ٻي بوءِ ٿئي. هن ۾ وڍ واري ڪنڊي کان سواءِ گهڻا ڪنڊا ڪو نہ ٿين. انگريزيءَ ۾ هن کي ’پئمفريٽ‘ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو