پاٽيو

پاٽيو: ڪاٺ جو تَـرُ يا مستطيل تختو، جنهن کي سَانهر (سهاڳو) بہ چوندا آهن. ٻنيءَ ۾ ٻج جي ڇٽ کان پوءِ ڏاندن جي ڳچيءَ ۾ پاڃاري وجهي، ان سان هڪ اڻ گهڙيو ڪاٺ جو چوڪور ٽڪر ٻڌبو آهي. جنهن جي پويان ٻوڙا يا ٽاريون ٻڌبيون آهن ۽ اڳيان ڏاند ان کي گهيلندا آهن. پاٽيي جي گهمائڻ سان هڪ تہ ٻج زمين ۾ پورجي ويندا آهن ۽ جهار کان بچي ويندا آهن. ٻيو تہ زمين بہ سنوت ۾ ايندي آهي. اڄڪلھہ پاٽيي يا سانهر جو نمونو جنهن ۾ گول پيپ مٿان انگوڙي مثل ڇلا، دُريءَ جي لڳو لڳ ٿين ٿا. هي عام طور تي تراکڙي ليٽڻ (Flat-Roll) کان ڳرو ٿيندو آهي، ڀترن ڀڃڻ لاءِ ٽاريون يا ٻوڙا نہ ٻڌبا آهن. هن کي ويڙهي ليٽڻ (Ring Roll) پڻ سڏيو ويندو آهي.


لفظ پاٽيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڪاٺ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻندو
پاٽيو
ٿوڻي
ڪاٺ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون