پاٽائي عبدالواحد ڪبير

پاٽائي، عبدالواحد ڪبير: پاٽائي عبدالواحد ڪبير بن مولانا عبدالرحمان قاري (وفات 1080ھه/ 1669ع) بن محمود سھروردي (وفات 1070ھه/ 1659ع) بن شيخ رمضان شھرالله بن شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي برهانپوري (وفات 1051ھه/1641ع) مفتي عبدالواحد، سيوهاڻي ۽ پاٽائي مخدومن جو ڏاڏو هو، جنهن جو فرزند مخدوم امير محمد سيوهڻ ۾ اچي رهيو ۽ ڪلهوڙا حڪومت ۾ شرعي معاملن جو مشير، مفتي ۽ قاضي هو. مخدوم عبدالواحد ڪبير دهلي سرڪار جي مفتيءَ جي منصب تي فائز هو. ڪجهه وقت پاٽ ۾ رهيو، جتان هن نسل جون ٻہ شاخون وجود ۾ آيون. عبدالواحد ڪبير وڏو فقيھہ ۽ عالم هو. اورنگزيب جي زماني ۾ پاٽ جي علائقي ۾ قاضي القضات هو ۽ فتوا سندس حوالي هئي. گذر معاش لاءِ ٺٽي جي گورنر مير ابوالڪلام پاران کيس ٻہ هزار جريب جاگير ۽ ڪجهه پڪا کوھہ پرواني طور مليا، جيڪي پاٽ لڳ ديھہ رسول آباد ۾ هئا. مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائيءَ جي تصنيفن مان ”ڪشف الاسرار“ فقھہ جو يادگار ڪتاب آهي. هن بزرگ 1123ھه/ 1711ع ۾ پاٽ ۾ وفات ڪئي.


لفظ پاٽائي عبدالواحد ڪبيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو