پاٽ

پاٽ: پاٽ دادو ضلعي جو هڪ تاريخي شھر آهي ، جيڪو سنڌو درياھہ جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو بندرگاھہ هو . امڪان نظر اچي ٿو تہ تاريخي طور تي ” پاٽ “ ڳوٺ جي اصل نالي ۽ قدامت بابت مختلف روايتون ، اهڃاڻ ۽ هيٺيان تاريخي اشارا ملن ٿا: عام يال مطابق ڳوٺ جو اصل نالو ” پاتر “ آهي ، جيڪو ڪنهن راجا جي نالي پٺيان رکيو ويو ، جنهن هيءُ ڳوٺ جوڙايو . ليڪن ڪنهن بہ ذريعي سان پاتر بادشاھہ جو احوال نہ ٿو ملي . هڪ ٻيءَ روايت مطابق ” پاتر “ اصل فارسي زبان جو لفظ آهي ، جنهن جي معنيٰ ” تخت “ آهي . جيئن تہ هيءُ شھر ڪنهن راجا جو تخت گاھہ هو ، اُن ڪري اُن تي ” پاتر “ نالو پئجي ويو . ابجد جي حساب سان ، هن نالي مان تعمير جو سال 403ھہ/ 1012ع بہ ڪڍيو ويو آهي . هڪ روايت مطابق ” لوهم جي دڙي “ کي اصل ” پاٽ “ قرار ڏنو ويو آهي . هن روايت جو بنياد سنڌونديءَ جا اهي وهڪرا آهن ، جيڪي پيٽ مٽائيندا رهيا آهن . چون ٿا تہ عروج واري وقت ۾ لوهم جي دڙي جي آبادي ” پوتر “ ( پاڪ ) جي نالي سان مشھور هئي ، جڏهن درياھہ پيٽ مٽايو ، تہ هتان جي آبادي درياھہ جي نئين وهڪري جي ڪناري تي ، ” نئين پوتر “ نالي واهڻ ٻڌي آباد ٿي . ائين پوءِ اهو شھر ” پوتر “ مان ” پاتر “ ٿي ويو . ساڳيءَ روايت ۾ اهو بہ اچي ٿو تہ ” لوهم جو دڙو “ ، ” موهن جي دڙي “ وانگر آرين يا مغربي لوڪن جي هٿان تباھہ ٿيو ۽ آريا تھذيب هيٺ جيڪو نئون شھر آباد ٿيو ، ان جو نالو سنسڪرت زبان جي صورتخطيءَ هيٺ ” پوترا “ رکيو ويو ، جيڪو اڳتي هلي ” پاترا “ سڏجڻ ۾ آيو ۽ پوءِ ” پات “ يا ” پاٽ “ ۾ تبديل ٿي ويو . سنڌ جي عالمن مان ڪن جو وري اهو رايو آهي تہ اصل ۾ ” پاتر “ سنڌيءَ جي لفظ ” پاٽ “ جي فارسي صورتخطي آهي ، جيئن تہ فارسي ٻوليءَ ۾ ” ٽ “ جو اکر نہ ٿيندو آهي ، ان ڪري ان جو نعم البدل ” تر “ استعمال ڪيو ويو ، جيڪو ” ٽ “ جو قريب ترين اچار آهي . ٿي سگهي ٿو تہ سنڌ جي تاريخي ماخذن جو فارسيءَ ۾ هجڻ هن غلط فهميءَ جو باعث بڻيو هجي ، ۽ ڳوٺ جو اصل نالو ” پاٽ “ ئي هجي . اهو نالو تڏهن پيو ، جڏهن ڄام نظام الدين سمي ( 1461-1508ع ) صوفي خانقاھہ قائم ڪرڻ لاءِ شيخ عمر شھاب الدين سھروردي ( 1144-1734ع ) جي اولاد مان شيخ شھاب الدين ثاني ( 1440-1501ع ) کي جاگير ڏئي هتي رهايو ، جنهن انهي درياهي بندر جو نالو ” قبة الاسلام “ رکيو ، پر جيئن تہ جاگير جي ايراضي گول شڪل ۾ هئي ، تنهنڪري عام ماڻهو انهيءَ کي ٺڪر جي گول ٿانوَ ” پاٽ “ جي نالي سان سڏڻ لڳا ، جيڪو مروج ٿيو . ( تاريخ باب الاسلام سنڌ- 12 ، ڊاڪٽر حبيب صديقيءَ جي حوالي سان ص . 65-66 ) . آڳاٽي زماني ۾ هن درياهي بندر جو بمبئي ، سورت ، سري لنڪا ۽ بنگال سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو . تاريخ معصوميءَ ۾ ڄاڻايل آهي تہ ” پاٽ “ شھر ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هوندو هو . هتي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي رهندا هئا ، جن مان جوڻيجا ، چنا ، صديقي ۽ انصاري خاندان جا ڪي فرد اهم هئا . انهن مان ڪي همايون جي سنڌ ۾ آمد ( 1541ع ) بعد ، هتان لڏي وڃي برهانپور ۾ رهيا ۽ ٻيا هتي ئي پاٽ ۾ رهيا . تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي تہ شهنشاھہ همايون ( سال 1541ع ) ، حميدہ بيگم سان هن شھر ۾ شادي ڪئي هئي . ان کان سواءِ مرزا ڪامران جي شادي بہ مرزا شاھہ حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان پڻ پاٽ ۾ ئي ٿي هئي . موجودہ دور ۾ بہ ” پاٽ “ جي سرزمين ڪيترائي عالم ، فاضل پيدا ڪيا آهن ، جن دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو . انهن ۾ علامہ آءِ . آءِ . قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو ، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر ، عالم ۽ فلسفي هو . جسٽس زيڊ . اي . چنا ، پروفيسر امينه خميساڻي ، مشھور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب صديقي ۽ سليم صديقيءَ جو تعلق پڻ پاٽ سان آهي . موجودہ بيهڪ جي لحاظ کان ، ” پاٽ “ جو ڳوٺ/ شھر سنڌونديءَ کان هڪ ڪلوميٽر اولھہ طرف ´28 . º20 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ´68 . º48 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي دادو شگر مل پياري ڳوٺ کان ڇھہ ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع آهي . پراڻي پاٽ جو دڙو ، اتان کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف هڪ دڙي جي شڪل ۾ اڄ بہ موجود آهي .


لفظ پاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو