پاند پاندُر

پاند/ پاندُر: ڀاڄين يا ڪمند جي چوٽيءَ وارا پن، جيڪي مال کي چاري طور ڏنا ويندا آهن. شاعرن ’پاند‘ لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ بہ استعمال ڪيو آهي. شاھہ جو بيت آهي تہ:
سَرِ نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسن سُکائون ڪيون!
پاند، ڪپڙي جي پلوَ کي بہ چئبو آهي، هڪ مشھور ڪلام آهي:
منهنجي لاءِ مارو، رُنا ڪيئن نہ هوندا،
پلوَ پاندَ تن جا، ڀِنا ڪيئن نہ هوندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو