
پامير جبل جي تصوير
پامير جبل (Pamir ):مختلف جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ هن کي Pamirs بہ ڪري لکيو ويو آهي. محاوري طور پامير جي مٿانهين پٽ کي ”دنيا جي ڇِت“ چيو ويندو آهي. هي مٿانهون پٽ وچ ايشيا جي جمهوريه تاجڪستان، سوويت يونين جي ڪوهستاني علائقي ۾ واقع آهي. پامير جي لغوي معنيٰ آهي. ”مٿانهون يا چوٽيءَ وارو“. هتي هندوڪش، قرارقرم، تن شان ۽ ڪون لون جبلن جا سلسلا ملن ٿا. پامير جي ڪل ايراضي 30 هزار چورس ميل آهي. پامير جي ٽن پاسن کان جبل آهن. هتي بلند چوٽيون ۽ واديون آهن. هتي جا قديم رهاڪو پاڻ کي ڪرغيز يا پاميري سڏائيندا آهن. هتي آبادي تمام گهٽ رهي ٿي. سلسلهءِ ڪوھہ پامير 380 55\' 720 اتر ڊگرين تي موجود آهي. هي پهاڙي سلسلو دنيا جي وڏن پهاڙي سلسلن مان هڪ آهي. هن کي چيني زبان ۾ ڪونگ لنگ (Cong ling) ڪري سڏيندا آهن. هن جي وڏي ۾ وڏي چوٽي اسماعيل سماني نالي سان 7495 ميٽر (24590 فوٽ) اوچي آهي. اتر ۾ هي پهاڙي سلسلو ڪرغستان جي اَلي ويلي (Alay Valley) سان، ڏکڻ ۾ هندوڪش جبل سان ملندي واکڻ ڪوريڊور (Wakhan Corridor) وٽ افغانستان ۽ پاڪستان سان ملي ٿو ۽ اوڀر ۾ سندس پڇاڙي چين جي سرحدن سان ملي ٿي يا شايد اڃا بہ ڪجهہ اڳتي ڪونڪون جبلن تائين وڃي ٿي. اسماعيل سماني چوٽي، جنهن جا مختلف وقتن تي مختلف نالا رهيا آهن، جيئن 1962کان 1932ع تائين هن کي اسٽالن چوٽي، 1962ع کان 1998ع تائين ڪميونزم چوٽي، هن وقت بہ ڪي ماڻهو هن کي لينين چوٽي جي نالي سان سڏيندا آهن. هتان ڪوئلو ملي ٿو، ماڻهن جو گذر معاش رڍون ۽ انهن جي اُن تي آهي. ان کان سواءِ قيمتي پٿر لاجورد (Lapis Lazuli) نالي پامير جي ايراضيءَ مان کوٽي ڪڍيو ويو آهي. لفظ پامير ارضياتي اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سڌو پٽ“ يا ”ماٿري“ جنهن جي چوڌاري جبل هجن. وڏو پامير زورڪول (Zorkal) جي چوڌاري آهي. جڏهن تگدمباس (Taghdumbagh) تشگرگان ۽ واکڻ ڪوريڊور لڳ آهي. جيڪا قراقرم جي ڀرسان وارا پهاڙ آهن. گنٽ ندي (Gunt River) جي مٿان ياشل ڪل (Yashil Kul) ڳوٺ آهي، جنهن جي چوڌاري علي چر (Ali chur) پامير آهي. اهڙي طرح سيراز (Seraz) پامير سرگاب ڳوٺ جي چوڌاري آهي. انهي کان سواءِ بہ پامير آهن. خود پامير نالي ندي بہ پامير جبل جي ڏکڻ ۾ وهي ٿي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سائيبريا واري علائقي مان قيمتي پٿر (هيرا) لڌا هئا.تاريخي طور پامير جبل هڪ واپاري رستي طور سڃاتو ويو آهي، جيڪو ڪاشگر کي ڪوڪند (Kokand) سان اترئين سلڪ روڊ ذريعي ڳنڍي ٿو، جنهن ڪري هن خطي ۾ ڪيتريون ئي قبائلي جنگيون بہ لڳنديون رهيون آهن. اترندو سلڪ روڊ 2600 ڪلوميٽر (1616 ميل) ڊگهو آهي، ۽ چين جي قديم شھر زينگ (Zang) سان ڳنڍيل آهي. اهو رستو پامير جبل جي مٿان مغرب طرف گذري ٿو، هيءُ رستو چين کي پارٿيا سان بہ ڳنڍيندڙ رهيو آهي.