پازيب

پازيب: پازيب جي لفظي معنيٰ ”پيرن جو سينگار“ آهي. هي ڳھہ وزن ۾ هلڪو ۽ سنهيءَ پٽيءَ وانگر هوندو آهي، جنهن ۾ سنهيون گهنگهريون بہ لڳل ٿين تہ پلڙيون بہ ٿين. ڪي وري ٺپي جي نموني ٿين. پازيب تي ميناڪاري بہ ٿئي. پازيب سون ۽ چانديءَ مان جڙن، پر سنڌ جا ڪي قبيلا ۽ ذاتيون پيرن ۾ سون ڪونه پائين، ان ڪري چانديءَ جا پازيب جوڙائين. هي ڳھہ ڳوٺ توڙي شھر جون عورتون ڏاڍي چاھہ پائينديون آهن. خاص ڪري ڪنواريون ۽ ننڍيون نينگريون اِهي ڳھہ پائين ٿيون. لوڪ شاعريءَ ۾ پازيب جو ذڪر ”سينگار“ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. غزل ۾ بہ پازيب جو ذڪر ٿيل آهي. خاص ڪري ڳيچن ۾ پازيب ڳاتا ويا آهن.


لفظ پازيبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو