پارڙو: هڪ قسم جو اڇو موتي جنهن جي اندر ميڻُ ڀريل ٿيندو آهي. ان کي ’شيلاني موتي‘ (سيلاني موتي) بہ چوندا آهن. اهي موتي تمام سھڻا ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. سونارا هي موتي نٿ يا بولي ۾ لعلن سان گڏ سونهن لاءِ وجهندا آهن.