پارٿيا

پارٿيا: عيسوي سن کان 250 ورهيہ اڳ، ايران جي اتر اوڀر ۾ پارٿيا لوڪن جي ”پارٿيا“ نالي سان هڪ سلطنت قائم هئي. هيءَ سلطنت ساسانين جي ظھور تائين گهٽ ۾ گهٽ پوڻا پنج سؤ سال قائم هئي. کين ساسانين ۽ رومن سان بہ جنگيون وڙهڻيون پيون. سندن اصل علائقو قزوين سمنڊ جي ڏکڻ اولھہ ۾ انهن خطن تي مشتمل هو، جيڪي پوءِ خراسان جا بنيادي علائقا سڏيا ويا. هن ملڪ جون حدون هيون: ڏکڻ ۾ موجودہ زماني جا ڪرمان ۽ فارس، اولھہ ۾ آذربائيجان، اڀرندي سرحد اها ئي هيس، جيڪا اڄڪلھہ افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾ قائم آهي. پوءِ اها سلطنت گهڻو پکڙجي وئي هئي، پر هن جو ابتدائي علائقو اوتروئي رهيو. هتي پهلوي زبان ڳالهائي ويندي هئي. ايران جي تاريخ ۾ پارٿين کي ”اشڪاني“ بہ چيو ويو آهي. هي نالو ”اشڪ“ مان ٺهيو، جيڪو هن سلطنت جو باني هو. هنن جو اصل مذهب ”آتش پرستي“ (باھہ جي پوڄا) ۽ ”آفتاب پرستي“ (سج جي پوڄا) هو. هيءَ سلطنت 227ع تائين قائم رهي.


لفظ پارٿياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو