پاروٿي-اُلر ٻلر: هن ول دار ٻوٽي کي لاطيني ۾ Coculuc Pendulis، گجراتي ۾ پارتي، پنجابي ۾ الربلر- ويهري ۽ سنڌي ۾ اُلر ٻلر بہ چئبو آهي. هن جي آڪھہ Menispermaceae آهي. هن جي پنن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. تڏهن بہ سندس پن ارڙهن کان ٽيھہ ملي ميٽر ڊگها ۽ نَو کان ارڙنهن ملي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. هي سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪاٺياواڙ، حيدرآباد دکن، افغانستان ۽ عرب جي گرم علائقن ۾ ٿئي ٿو.