
پاتم پٽ ڪڻا
پاتم پٽ ڪَڻا (ڪتاب ):هي ڪتاب پير ضياءُ الدين خياروي نواب شاهيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، مرثيا، غزل، ڪافيون، وايون، بيت، گيت، نظم ۽ قطعا شامل آهن. هن ڪتاب کي عبدالرشيد لغاريءَ مرتب ڪيو آهي ۽ ان جو مهاڳ اصغر ڀٽي ڀريائيءَ لکيو آهي. جڏهن تہ وسيم سومري، مير حسن لاکي، سيد امداد شاھہ، قاضي محمد صالح ’غمخوار‘، جمال الدين مومن، سيد شوڪت حسين شاھہ، امير بخش ڀٽي، حڪيم غلام رسول لاکي، عبدالحڪيم ارشد، سڄڻ سنڌي، مسڪين ملاح، ولي ﷲ ’خادم‘ ۽ حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جا تاثر شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ جا موضوع محبت، پيار، درد ۽ وڇوڙي تي ٻڌل آهن. ڪتاب ۾ ڪجهہ اردوءَ ۾ شعر بہ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ 319 صفحا آهن ۽ اُن جي قيمت 350 روپيا آهي. هي ڪتاب سجاڳي پبلڪيشن حيدرآباد طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو.