پاتال/ پاتال بندر: سنڌو درياھہ جي ڇوڙ وٽ موجودہ ٺٽي ضلعي جي قديم دور جو هڪ شھر ۽ بندر، جيڪو هڪ وڏو واپاري مرڪز هو. هِتان درياھہ ٻہ شاخون ٿي وهندو هو، 325 ق. م ڌاري سڪندراعظم جي ڪاھہ'>سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاھہ وقت اهو ”پاتال“ بندر نالي مشھور هو، جنهنڪري يونان جي تاريخ نويسن ان جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سڪندراعظم هت گودي بہ ٺهرائي هئي. ميجر جنرل هيگ پنھنجي ڪتاب ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ”حضرت سليمانعه جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز، سنڌونديءَ جي پاتال بندر وٽ اچي بيهندا هئا. هت سنڌوندي اچي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ مصر ملڪ جا جھاز پاتال بندر تائين ايندا هئا. هن قديم شھر ۽ بندر جا آثار ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر جي لڳ سرکاڻي ڪريڪ ۾ ٻڏل آهن، پر ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ جي ويرن لھڻ چڙھڻ مھل نظر ايندا آھن. هي سورج وَنسي گهراڻي ۽ سنڌو تھذيب جو اوائلي بندر آهي. درياھہ جي ھڪ شاخ جيڪا شاھبندر ڏانهن ويندي ھئي، جنهن تي شاھه ڪپور طرف اھو بندر ھو. جنرل ھيگ ساڳئي ڪتاب جي صفحي ٢٠ تي لکيو آھي تہ اڪشو اِڪو ڪُل وارا ھن بندر تي رھندا ھئا. اڪشو اِڪو سورج ونسي گهراڻي جو پھريون بادشاھہ ھو، جيڪو گوتم ٻڌ جي ڀيڻ ”اِلا“ سان پرڻيل ھو.