ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي

ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي: ليکڪ ۽ شاعر، ٽھل ايسرداس ڪيسواڻيءَ 27 مارچ 1931ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. ايس. ايس. سي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ ليکڪ ۽ شاعر طور متعارف ڪرايائين. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ ڪوِتائون ڇپيل آهن. ”نيلم“ نالي هڪ ماهوار مخزن بہ جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر بہ رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو