ٽھليو ڀڳت

ٽھليو ڀڳت: ٽھليو ڀڳت 1890ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڄائو. اتي ئي ڳائڻ جي لنءُ لڳيس. آواز سنهو پر سريلو ۽ لچڪ وارو هوس. ذهن ڏاڍو تکوهوس، تنهن ڪري جلد ئي موسيقيءَ جي سڀني رمزن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. ننڍي هوندي ٽنڊي جان محمد ۾ هڪ ڀڳت لڳي، جتي هن کي وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. سندس شاگردن ۾ ٽاپو ۽ ڌرمون مشھور ڀڳت ٿي گذريا آهن، جيڪي آخر تائين ساڻس گڏ هئا ۽ جهيلي تي ڳائيندا هئا. سندس ڳالھہ کڻڻ جو انداز انوکوهوندو هو. دودي چنيسرجي ڳالھہ تي تہ قدرت حاصل هوندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالھہ ٽي ٽي راتيون هلندي هئي. روپ- بسنت جي ڳالھہ ڏاڍي چاھہ سان کڻندو ۽ ڳائيندو هو. اتر سنڌ جو هي پهرين جوڙ جو ڀڳت ورهاڱي وقت هندوستان هليو ويو.


لفظ ٽھليو ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

ٽهليو ڀڳت 1890ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ سڀاڻي
ڄام جکرو ڳھڙ راءُ
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
الھوسايو شيدي
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
ٻانڀڻيو
بابل خان جکراڻي
آلندي سيلويڊار
جوکيو منظور
جعفر خان جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون