ٽگهرو

ٽِگهرو: هي غارون ديھہ ڪوھستان يونين ڪائونسل غيبي ديري، ضلعي شھدادڪوٽ قمبر کان اولھ طرف 50 ڪلو ميٽر کڙڪي ڪوھه جبل جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهن. ھتي گهرن جهڙيون ٽي چرون ۽ غارون ٺھيل آھن ۽ ٽيئي گڏ آھن. مقامي ماڻھو ھنن کي ”ٽه گهرو“ سڏين ٿا. بناوت ۽ ھنڌ مان لڳي ٿو تہ اھي غارون ڪائي ۽ نئنگ وارين غارن جون ھمعصر آھن ۽ ممڪن آهي تہ ھتي اوائلي انسان جي رھائش هجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو